ڄام سڪندر (اول)

ڄام سڪندر (اول): صدرالدين ڄام سڪندر ’اول‘، ڄام ڪرن جي قتل کان پوءِ، سنڌ جو حاڪم بڻيو. وچئين دور جي لکندڙن هن ڄام جو ذڪر نه ڪيو آهي. البت جديد دور جي محققن ڪتبن ۽ قديم تحريرن جي آڌار تي، سنڌ جي هن حاڪم جي نشاندهي ڪئي آهي. ان ڏس ۾ خاص ڪري پير حسام الدين راشدي ’مڪلي نامھ‘ ۾ مواد مهيا ڪيو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو